بدھ، 18 نومبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻن ڏينھن وارو تربيتي ورڪشاپ منعقد

سنڌي خبرون 18th Nov 2026 9 مناظر
عمرڪوٽ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻن ڏينھن وارو تربيتي ورڪشاپ منعقد

ورڪشاپ جو مقصد قدرتي آفتن کان اڳواٽ اپائن واري نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ آھي: مقرر

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي عمرڪوٽ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ، ادارن جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن کان اڳ بروقت حفاظتي اپائن (Anticipatory Action) کي اثرائتو بڻائڻ جي حوالي سان ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمرڪوٽ عمران آرائين، سماجي تنظيم چيزوي (CESVI) جي پروجيڪٽ مئنيجر شيراز ڪياني، پي ڊي ايم اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اجي ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هيءَ ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ 17 ۽ 18 نومبر 2026ع تي BRAND 2.0 منصوبي تحت منعقد ڪئي وئي، جنهن جو عنوان "Building Institutional Capacity & Resilience Against Natural Disasters" هو، ورڪشاپ جو بنيادي مقصد ضلعي سطح تي حڪومت جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کان اڳ اڳواٽ اپائن واري نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي، ورڪشاپ دوران قدرتي آفتن جي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ منصوبابندي، بروقت اپائن جي اهميت، مختلف ادارن وچ ۾ گڏيل رابطن ۽ ضلعي سطح تي حڪومتي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت تربيت ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمران آرائين جي شرڪت ضلعي انتظاميا پاران قدرتي آفتن جي امڪاني اثرن کي گهٽائڻ، عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي، واضح رهي ته هيءَ تربيتي ورڪشاپ CESVI، Welt Hunger Hilfe (WHH) ۽ يورپي يونين جي سهڪار سان BRAND 2.0 منصوبي تحت منعقد ڪئي وئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ