ميھڙ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺ دلاور کوسو واسي ثناءُ الله کوسو قتل
آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي
ميھڙ(رپورٽر) ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڀٽي روڊ لنڪ روڊ وٽ ٽن نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ دلاور کوسو جي رهواسي واپاري نوجوان ثناءُ الله کوسو کان 125 موٽرسائيڪل ڦر، مزاحمت تي ھٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو واقعي جي اطلاع تي وارث، شهري ، واپاري اڳواڻ نياز علي ٻرڙو ، محمد ايوب کوسو ، محبوب کوسو ۽ ٻيا تعلقي اسپتال ميھڙ پھتا واپارين پاران واقعي تي ڳڻتي جي لھر ۽ ڏوهارين جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو ميهڙ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ قتل ٿيل واپاري نوان ثناء الله کوسو واري واقعي جو آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو نوٽيس ورتو آءِ جي سنڌ پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان واقعي بابت رپورٽ طلب ۽ آء جي سنڌ واپاري نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي ھدايت ڪئي آء جي سنڌ موجب تہ جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ جديد جاچ ۽ ٽيڪنيڪل ذريعن کان مڪمل مدد ورتي وڃي ۽ واقعي جي شفاف ۽ اثرائتي جاچ ڪري اڳڀرائي کان مسلسل آگاهه رکيو وڃي