پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

پوليو ورڪرز کي بوسٽر ڊوز مھم ۽ پوليو مھم جو معاوضو نھ مليو

سنڌي خبرون 19th Oct 2026 3 مناظر
پوليو ورڪرز کي بوسٽر ڊوز مھم ۽ پوليو مھم جو معاوضو نھ مليو

انتظامي سست رفتاري سبب ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود معاوضو ناھي مليو: پوليو ورڪرز

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ پوليو ورڪرن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽي مهينا اڳ پوليو بوسٽر ڊوز مهم انتهائي ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ضلعي ۾ ٿيل اها مهم سڄي سنڌ ۾ بهترين قرار ڏني وئي هئي. پوليو ورڪرن موجب بوسٽر ڊوز مهم کان 22 ڏينهن پوءِ پوليو جي ٻي مهم پڻ وڏي محنت ۽ ڪاميابي سان مڪمل ڪئي وئي، جنهن تي ڊي ايڇ او ٺٽو ۽ ضلعي جي لاڳاپيل آفيسرن پاران پڻ پوليو ورڪرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو هو. هنن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته انتظامي سست رفتاري سبب ٽن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود کين نه بوسٽر ڊوز مهم ۽ نه ئي پوليو مهم جو معاوضو ادا ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پوليو ورڪرن کي سخت مالي پريشانين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پوليو ورڪرن ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ ڊي ايڇ او ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي سندن رهيل معاوضا جلد جاري ڪرايا وڃن، جيئن 2 نومبر تي شروع ٿيندڙ پوليو مهم کي پڻ ڪامياب بڻائڻ لاءِ پوليو ورڪرن جون خدمتون جوش ۽ جذبي سان جاري رهي سگهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ