پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

سنڌي خبرون 19th Oct 2026 4 مناظر
عمرڪوٽ ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کوڙو جي هدايتن تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ پاران 18 آڪٽوبر سانحه ڪارساز جي شهيدن جي ورسي ضلعي پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ان موقعي تي شهيدن جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي، جڏهن ته سندن بلند درجات لاءِ دعا گهري وئي ۽ خيرات پڻ ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن چيو ته 18 آڪٽوبر سانحه ڪارساز جي شهيدن ۽ زخمين کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن پنهنجي محبوب قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حفاظت لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي بهادري ۽ وفاداريءَ جو مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي قربانين ۽ جدوجهد جي تاريخ رکندڙ پارٽي آهي، جنهن جي قائدين عوام ۽ وطن خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪيون، جڏهن ته پارٽي جي جيالن ۽ ڪارڪنن پڻ پنهنجي قيادت سان محبت ۽ وفاداريءَ جي جذبي تحت وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته کين فخر آهي ته هو اهڙي پارٽيءَ سان سلهاڙيل آهن، جنهن جي تاريخ جمهوريت، عوامي حقن ۽ قربانين سان ڀرپور آهي، تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه، سينيئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهنشام داس، نائب صدر شڪيل باجواهه، ميونسپل ڪميٽيءَ جي وائيس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي، ضلعي ڪائونسل ميمبر سوائي سنگهه، اصغر سومرو، تعلقه ڪنري جي جنرل سيڪريٽري سيد ميمڻ، عباس رند، تعلقه پٿوري جي صدر نور محمد ولهاري، جنرل سيڪريٽري حاجي احمد علي آريسر، تعلقي ساماري جي جنرل سيڪريٽري ڏاتر بخش سينهڙو، تعلقه عمرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري منٺار آريسر، گرڌاري ميگهواڙ ۽ سٽي ڪنري جي صدر مصطفي مهر شرڪت ڪئي، ان کان علاوه سٽي صدر عبدالله کوسو، موتي ميگهاڻي، ٽيڪم مالهي، راجه رامچند مالهي، شوڏان ڪولهي، پي ايس ايف جو صدر پرويز رند، لائرز فورم جو جنرل سيڪريٽري ملڪ محمد چانڊيو، مينارٽي ونگ جو صدر بنسي مالهي، رائيچند ڀيل، پرکو ڪولهي، هاري ڪميٽيءَ جو صدر واحد سمون، ليڊيز ونگ جي صدر گلزار سمون، نورجهان ڳيلهڙو، موران اوڏ، سيد امام زادي، ڪانجي مل، اعجاز سومرو، شيوانند سنڌي،سکندر ڪنڀار، رضوان مغل، الله بخش شر سميت پارٽيءَ جي ٻين عهديدارن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ