منگل، 20 اکتوبر 2026
بریکنگ

ريلوي اسٽيشن جھمپير تي ريلوي جي لائين ڪراس ڪرڻ لاء ڏنل پل ڪيتري ئي وقت کان بند

سنڌي خبرون 11th Nov 2025 400 مناظر
ريلوي اسٽيشن جھمپير تي ريلوي جي لائين ڪراس ڪرڻ لاء ڏنل پل ڪيتري ئي وقت کان بند
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ريلوي اسٽيشن جھمپير تي ريلوي جي لائين ڪراس ڪرڻ لاء ڏنل پل ڪيتري ئي وقت کان بند ھجڻ ڪري آسپاس جي رھواسين کي ريلوي لائين ڪراس ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون، انتظاميہ ڪوبہ نوٽيس نہ ورتو، ان سلسلي ۾ جھمپير شھر ۽ ان جي اسپاس جي رھواسين دانھيندي چيو اھي تہ جھمپير ريلوي لائين ڪراس ڪرڻ لاء ريلوي مٿان پل ڏني ويئي اھي، جنھن کي وڏا سليپر ھڻي بند ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري عورتن، بارڙن سميت ضعيف ماڻھن کي ريلوي ڪراس ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن، ھنن چيو تہ ريلوي لائين کي مٿئين پاسي کان تمام مٿي ڪيو ويو اھي، جنھن سبب ماڻھون ريلوي لائين ڪراس ڪري نٿا سگھن، جنھن ڪري ڪيترا ماڻھون پنھنجون جانيون ضايع ڪري چڪا اھن، ھنن گھر ڪئي تہ فورن ريلوي اسٽيشن جھمپير وٽان ريلوي لائين ڪراس ڪرڻ لاء ڏنل پل کي بحال ڪري شھرين ۽ ڳوٺاڻن کي پريشاني کان بچائي کين وڌيڪ امڪاني نقصان کان بچايو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ