منگل، 20 اکتوبر 2026
بریکنگ

اي سي گهوڙاٻاري جو مرڪزي امام بارگاهه پير پٺو جو دورو

سنڌي خبرون 18th Jun 2026 247 مناظر
اي سي گهوڙاٻاري جو مرڪزي امام بارگاهه پير پٺو جو دورو

سورٺ مظهر امام بارگاهه ڏانهن ويندڙ واٽر سپلاءِ لائين جو معائنو ڪيو

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاري سورٺ مظهر مرڪزي امام بارگاهه سخي ڏاتار پير پٺو جو دورو ڪيو، جتي هن امام بارگاهه ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت شهرين جي شڪايتن جو جائزو ورتو. اسسٽنٽ ڪمشنر موقعي تي پهچي امام بارگاهه ڏانهن ويندڙ پیر پٺواٽر سپلاءِ لائين جو معائنو ڪيو ۽ پاڻي جي موجوده فراهمي جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي فراهمي واري مسئلي جي فوري حل لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن ۽ علائقي جي رهواسين کي بنا رڪاوٽ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته عوامي سهولتن سان لاڳاپيل شڪايتن جي ازالي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪئي وڃي ۽ مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ