پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب منعقد، شاگرد ۽ سرڪاري ملازم به شريڪ

سنڌي خبرون 05th Feb 2025 282 مناظر
مورو ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ تقريب منعقد، شاگرد ۽ سرڪاري ملازم به شريڪ

اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مستقيم قريشي، چيئرمين نظير احمد ميمڻ سي ايم او نور محمد سمون ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

مورو (جاني جماڻي) ڪشمير يڪجهتي جي ڏينهن جي موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مستقيم قريشي، چيئرمين نظير احمد ميمڻ سي ايم او نور محمد سمون جي اڳواڻي ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. مختيار ڪار مورو، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي مورو سميت شاگردن ۽ روينيو ملازمن شرڪت ڪئي تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ جهنڊي چاڙهڻ سان ٿي شاگردن ڪشمير تي تقريرون ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ريلي ۾ بينر، پلي ڪارڊ لڳايا ويا، ۽ نعرا لڳايا ويا، جن ۾ ڪشمير پاڪستان جو جهنڊو بڻجندو ڀارتي فوج انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي، نوجوانن جي شهادت، عورتن جي بي حرمتي ۽ عام ماڻهن تي ظلم بند ٿيڻ گهرجي اسان گڏيل قومن ۽ عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميرين کي انهن جا حق ڏنا وڃن.جڏهن تي صحافي جاني جماڻي صحافي ظفر پنهور صحافي عارف يوسفزئي صحافي رائو تيمور راچپوت ميڊيا ڪوريج ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ