بدھ، 18 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول جي عدالت قتل ڪيس جي 2جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

سنڌي خبرون 18th Nov 2026 9 مناظر
سجاول جي عدالت قتل ڪيس جي 2جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت سومار پارھيڙي ۽ علي محمد عرف منو پارھيڙي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي

سجاول (رپورٽر) سجاول جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان سلسلي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سجاول سيد اعجاز علي شاھ جي عدالت سجاول پوليس اسٽيشن تي داخل مقتول غلام فريد پارهيڙي جي قتل ڪيس جو گذريل ڏينھن فيصلو ٻڌائيندي ٻن جوابدارن سومار پارهيڙي ۽ علي محمد عرف منو پارهيڙي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ھر ھڪ جوابدار کي 12 لک 50 ھزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏھن تہ ڪيس ۾ نامزد ٻن وڌيڪ جوابدارن سليمان پارهيڙي ۽ آچار پارهيڙي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت بري ڪري ڇڏيو. قتل ڪيس ۾ عدالت پاران سزا ٻڌايل جوابدارن ٻارن جي معمولي ڳالھ تان ڪهاڙين جا وار ڪري 65 ورهين جي غلام فريد پارهيڙي کي قتل ڪيو هو، جڏهن تہ محرم ۽ غلام رسول کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. ڄاڻايل ڪيس جي پيروي سرڪاري وڪيل منور علي ڌايو ڪئي، جڏهن تہ فريادي عبدالله پارهيڙي پاران وڪيل علي اڪبر جمالي پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ